بابا ذهين شاهه تاجي

بابا ذهين شاهه تاجي

بابا ذهين شاهه تاجي

بابا ذهين شاهه تاجي: بابا ذهين شاهه تـاجـيءَ، 1902ع ڌاري جئپور ۾ جنم ورتو. سندس سلسلو حضرت خواجه غريب نواز جي پهرئين خليفي حضرت حميد الدين ناگپوريءَ سان ملي ٿو. بابا ذهين شاهه تاجيءَ کي عربي، فارسي، اردو ۽ هندي ٻولين تي عبور هو ۽ انهن ٻولين ۾ شاعري به ڪيائين. هن جي شاعريءَ ۾ محبت ۽ حق جي تلاش ۽ جستجو آهي. سندس تخلص ’ذهين‘ هو، جيڪو هن کي پنهنجي پيءُ ديدار بخش ڏنو هو. ابتدائي تعليم جئپور مان ۽ عالم فاضل جي ڊگري پنجاب يونيورسٽيءَ مان 1925ع ڌاري حاصل ڪيائين.
1947ع ۾ هن پاڪستان ۾ ’عاليه تاجيه‘ سلسلي جو بنياد وڌو. هو وحدت الوجود جو قائل ۽ فلسفيانه ذهن رکندو هو. هو هڪ پختو شاعر هو. جنهن جو حلقو تمام وسيع هو، جنهن ۾ عام ماڻهن کان سواءِ نامور شاعر، اديب، استاد، سفير ۽ وزير شامل هئا. هو ان خيال جو هو ته تصوف اصل ۾ نالو ئي تڪبر ۽ غرور کي ختم ڪرڻ جو آهي. هو هڪ سٺي شاعر وانگر حمد، نعت، منقبت ۽ غزل ۾ منفرد انداز رکندو هو. غزل ۾ هن جو خاص موضوع وحدت الوجود رهيو. هن جي غزلن جي ديوانن ۾
’آيات جمال‘ (فارسي) ديوان ’جمال آيات‘، ’مجموعه حمد و نعت و منقبت‘، ’لمعات جمال‘ ۽ نظمن جي ديوانن ۾ ’جمالستان‘ اهم حيثيت رکن ٿا.
ابن عربيءَ جي ڪتاب ’فصوص الحڪم‘ جي شارح هئڻ کان گڏ سندس ڪتاب ’فتحيات مڪه‘ ۽ بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج جي ڪتاب ’ڪتاب الطواسين‘ جو ترجمو مشهور آهن. هو 1947ع کان 1978ع تائين ’عاليه و تاجيه‘ سلسلي جي سجاده نشين جي حيثيت ۾ خانقاهه عاليه تاجيه ۾ حضرت بابا تاج الدين تاج ۽ حضرت بابا يوسف شاهه جي مزارن تي سالياني عرس جو اهتمام ڪندو هو. ذهين شاهه تاجيءَ جو مقالو ’حسين منصور حلاج‘ شيما مجيد جي تازي تصنيف حيات و ڪلام حسين بن ‘منصور حلاج‘ ۾ شامل آهي، جنهن ۾ هن انهن سڀني ڪردارن کي غدار قرار ڏنو آهي، جن منصور جي قتل جي فتوا ڏني، سندس شهادت مهل خاموشي اختيار ڪئي هئي يا سندس مخالفت ڪئي هئائون، نه رڳو ايترو، پر هن حضرت جنيد بغداديءَ تي پڻ سخت تنقيد ڪئي آهي. جيڪو سڀ ڪجهه ڄاڻندي ’ظاهر دار‘ رهيو.ذهين شاهه تاجيءَ جي صوفياڻي شاعري لازوال ۽ عشق الاهيءَ سان سرشار آهي. ذهين شاهه تاجي بابا تاج الدين ناگپوريءَ جو طالب هو ۽ هن جا رئيس امروهي ۽ جون ايليا سان تمام ويجها تعلقات رهيا. جون ايليا کي ’منصور حلاج‘ بابت قائل ڪرڻ ۽ منصور تي لکڻ لاءِ آماده ڪرڻ ۾ ذهين شاهه تاجيءَ جو وڏو هٿ رهيو.
ذهين شاهه تاجيءَ 1978ع ڌاري وفات ڪئي ۽ هو ميوا شاهه قبرستان ڪراچيءَ ۾ مدفون آهي، جتي هر سال عرس جون ٽي ڏينهن تقريبات ٿينديون آهن.


لفظ بابا ذهين شاهه تاجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو